Masood InsightMasood Insight

سانئيم ! ســـدائــيـــن ڪــريـــن مــٿــي ســنــڌ ســڪار

مـــوٽـــــي مــــانــــــڊاڻ جــــي

واري ڪيائــــيـــــن وار

وڄـــــون وســـــڻ آتــــيـــون

چــــوڏس ٿـــــي چــــــوڌار

ڪي اٿي ويئيون استنبول ڏي

ڪي مڻيون مغرب پار

ڪـــي چــمـڪن چين تي

ڪي لهن سمر قندين سار

ڪي رمي ويئيون روم تي

ڪي ڪابل، ڪي قـندار

ڪـــــي دهــلـيءَ ، ڪـــي دکن

ڪي گڙن مٿي گرنار

ڪــــنــهــيــن جــنـبي جيسلمير تان

بيڪانير بڪار

ڪنهين ڀڄ ڀـــڄــائــيـو

ڪــــنــهـيـن ڍٽ مـــٿـــي ڍار

ڪـــنـــهــيــن اَچـــي اَمــرڪـــوٽ تـــان

وسايا ولهار

سانئيم ! ســـدائــيـــن ڪــريـــن

مــٿــي ســنــڌ ســڪار

دوست! مــٺــا دلــدار !

عــالــم ســڀ آبــاد ڪـــــريــــن

(شاھ عبدالطیف ڀٽائي)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *