Masood InsightMasood Insight

سنڌ ۾ مهاجرن جون سماجي ۽ لساني عادتون: هڪ تنقيدي جائزو

ليکڪ:

ڊاڪٽر مسعود طارق

آزاد سياسي محقق

ڪراچي، پاڪستان

drmasoodtariq@gmail.com

تاريخ: 22 جون 2025

خلاصو:

هي تحقيقي مقالو 1947 کان پوءِ سنڌ ۾ آباد ٿيل مهاجرن جي لساني ‘ سماجي ۽ سياسي عادتن جو تنقيدي جائزو پيش ڪري ٿو۔ مهاجرن جون اهي عادتون جيڪي سنڌي سماج ۾ هم آهنگي جي واڌاري ۾ رنڊڪ بڻيل آهن ‘ انهن کي هي مقالو مرڪزي موضوع بڻائي ٿو۔ مقالي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بين الثقافتي هم آهنگي ‘ لساني رواداري ۽ سڃاڻپ جي احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي۔

تعارف:

پاڪستان جي قيام کان پوءِ اتر پرديش ‘ مدهيه پرديش ‘ راجسٿان ‘ گجرات ۽ مهاراشٽر مان لکين مسلمان هجرت ڪري سنڌ ‘ خاص طور تي ڪراچي ‘ حيدرآباد ‘ ميرپور خاص ‘ نوابشاهه ۽ سکر ۾ اچي آباد ٿيا۔ انهن کي عام طور تي “مهاجر” سڏيو ويو۔ انهن جي اچڻ سان سنڌ جي شهري آبادي جو لساني ۽ ثقافتي توازن تبديل ٿيو۔ بين النسلي لاڳاپن جي تناظر ۽ موجوده حالتن ۾ مهاجر سڃاڻپ ۽ سنڌي قوميت لاءِ ڪيترائي اهم سوال جنم وٺن ٿا۔ جن تي تفصيلي تحقيق جي ضرورت آهي۔

مهاجرن جي عادتن جو تنقيدي جائزو:

1۔ لساني هڪ طرفو رويو:

مهاجر عام طور تي اردو يا پنهنجي مادري زبان (دڪني ‘ کڙي ٻولي ‘ مارواڙي ‘ گجراتي ‘ مراٺي) ڳالهائين ٿا۔ سنڌين ڪڏهن به مهاجرن کي سنڌي زبان سکڻ تي مجبور نه ڪيو۔ جنهن جي نتيجي ۾ اڄ به مهاجرن جي اڪثريت سنڌي ٻولي کان بيخبر آهي۔ (بلوچ، 2002)

2۔ اردو جي مٿانهين حيثيت:

مهاجرن جي اڪثريت جو موقف آهي ته اردو کي ئي واحد قومي ٻولي هئڻ گهرجي۔ جڏهن ته ٻيون لساني قومون پنهنجي علائقائي ٻولين تي فخر ڪن ٿيون ۽ انهن جي تحفظ لاءِ تحريڪون هلائين ٿيون۔ (رحمان، 1996)

3۔ مقامي ٻولين کان پرهيز:

مهاجرن جي چوٿين نسل جي سنڌ ۾ پرورش ٿيڻ باوجود ‘ اڃا تائين مهاجرن ۾ سنڌي ‘ پنجابي ‘ پشتو يا بلوچي ٻولين جو شعور گهٽ آهي۔ ان جي ابتڙ ‘ مقامي قومون مهاجرن سان رابطو رکڻ لاءِ اردو سکڻ تي مجبور ٿيون آهن۔ (ايوب، 2020)

4۔ تعصب جي تشريح ۾ تضاد:

مهاجر ٻين قومن کي “قوم پرست” ۽ “متعصب” چون ٿا۔ جڏهن ته پاڻ ڪنهن به علائقائي زبان يا سڃاڻپ کي تسليم نٿا ڪن۔ انهن لاءِ صرف اردو ڳالهائيندڙ ئي قابلِ قبول آهي۔ (شيخ، 2014)

5۔ مهاجرت جو تسلسل:

مهاجر پاڪستان جي واحد قوم آهي ‘ جيڪا ست ڏهاڪن کان پوءِ به پاڻ کي “مهاجر” سڏرائي ٿي۔ حالانڪه انهن جي چوٿين نسل هاڻ سنڌ ۾ پيدا ٿي رهي آهي۔ پوءِ به اهي پاڻ کي سنڌي يا ڪنهن ٻي مقامي سڃاڻپ سان نه ٿا ڳنڍن۔ (انصاري، 2013)

6۔ سياسي قوم پرستي ۽ تضاد:

مهاجر قومي موومينٽ (MQM) مهاجر سڃاڻپ تي ٻڌل واحد وڏي سياسي جماعت هئي ‘ جنهن لساني بنيادن تي سياست ڪئي۔ ان جي باوجود مهاجر ٻين کي صرف “پاڪستاني” بڻجڻ جي تلقين ڪن ٿا۔ (وسيم، 1994)

7۔ لساني سياست جو ٻٽو معيار:

مهاجرن MQM جي سڀني نمائندن کي لساني بنياد تي منتخب ڪيو۔ پر لساني سياست جو الزام هميشه سنڌي قومپرستن تي لڳايو۔ حالانڪه سنڌين ڪڏهن به لساني جماعت کي پارليامينٽ ۾ موڪلڻ جي روايت نه قائم ڪئي۔ (شيخ، 2014)

تجويزون:

1۔ بين الثقافتي هم آهنگي کي فروغ ڏنو وڃي ‘ ته جيئن سنڌ جون مختلف قوميتون هڪ ٻئي سان سماجي ۽ ثقافتي مڪالمو ڪري سگهن۔

2۔ سنڌي ٻولي جي تدريس کي شهري تعليمي ادارن ۾ لازمي قرار ڏنو وڃي ‘ ته جيئن مهاجرن جي نئين نسل مقامي ٻولي ۽ ثقافت سان آشنا ٿي سگهي۔

3۔ سياسي جماعتون لساني سڃاڻپ جي بنياد تي سياست ڪرڻ کان پرهيز ڪن ۽ قومي يڪجهتي کي فروغ ڏيندڙ بيانيه اختيار ڪن۔

نتيجو:

سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي تڏهن ئي ممڪن آهي ‘ جڏهن هتي رهندڙ سڀ قومون هڪ ٻئي جي ٻولي ‘ ثقافت ۽ سڃاڻپ جو احترام ڪن۔ مهاجرن کي به گهرجي ته هو سنڌي سماج جو سرگرم ۽ هم آهنگ حصو بڻجڻ لاءِ پنهنجي روين تي نظرثاني ڪن ۽ پاڻ کي رڳو مهاجر نه ‘ پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي طور تي تسليم ڪن۔

حوالا:

بلوچ ‘ نبي بخش خان۔ (2002)۔ سنڌ جي لساني تاريخ۔ سنڌ يونيورسٽي ‘ ڄامشورو۔

رحمان ‘ طارق۔ (1996)۔ Language and Politics in Pakistan۔ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس۔

شيخ ‘ محمد علي۔ (2014)۔ Sindhi-Muhajir Relations: Post-Partition Dynamics۔ ڪراچي يونيورسٽي پريس۔

انصاري ‘ سحر۔ (2013)۔ مهاجرن جي سڃاڻپ ۽ اردو ڪلچر۔ مقتدره قومي زبان ‘ اسلام آباد۔

ايوب ‘ ڪامران۔ (2020)۔ لسانيت ۽ شهري سياست: ڪراچي جو تنقيدي جائزو۔ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز ‘ اسلام آباد۔

وسيم ‘ محمد۔ (1994)۔ Politics and Ethnicity in Pakistan۔ ايڇ اي سي ريسرچ پبليڪيشن۔

ليکڪ جو تعارف:

ڊاڪٽر مسعود طارق ڪراچي سان تعلق رکندڙ هڪ سياستدان ۽ سياسي مفڪر آهي۔ هو پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PMSF) سنڌ جي سينيئر نائب صدر ‘ ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد جي ڪائونسلر ‘ وزيراعليٰ سنڌ جي مشیر ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي۔

هن جي تحقيق ڏکڻ ايشيا جي جاگرافيائي سياست ‘ نوآباديتي دور کانپوءِ رياستي تشڪيل ‘ علائقائي قومپرستي ۽ بين النسلي سياست تي مرکوز آهي۔ جنهن ۾ خاص ڌيان پنجاب ‘ پنجابي قوم ۽ ٿڌي جنگ واري دور جي اسٽريٽجڪ سياست تي آهي۔

ان کان علاوه هو پاڪستان کي درپيش سماجي ‘ انتظامي ‘ مالي ۽ اقتصادي مسئلن تي به لکندو رهندو آهي۔ جتي هو انهن مسئلن جا ساختياتي سبب تجزئي جي ذريعي سمجهي ‘ پاليسي تي ٻڌل حل پيش ڪندو آهي۔ هن جو ڪم تاريخي تحقيق جي روشني ۾ جديد اسٽريٽجڪ سوچ ۽ حڪمراني جي طرز کي هڪٻئي سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش آهي۔

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *