Masood InsightMasood Insight

ڇا اوهان کي واسطو ٺاهڻ، ناتو قائم رکڻ ۽ رشتو نڀائڻ اچي ٿو؟

تحرير: ڊاڪٽر مسعود طارق

تاريخ: 9 جون 2025

دنيا جي 8 ارب آبادي مان، انسان پنهنجي سڄي زندگي ۾ وڌ ۾ وڌ 100,000 ماڻهن سان ئي “جاڻ سنجاڻ” رکي سگهي ٿو، جڏهن ته دنيا جي باقي 7 ارب 99 ڪروڙ 99 لک آبادي هميشه “اجنبي” ئي رهندي آهي۔

انهن 100,000 “جاڻ سنجاڻ” وارن ماڻهن مان به زندگيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ:

1۔ 10,000 ماڻهن سان “دعا سلام” ٿي سگهي ٿي۔

2۔ 1,000 ماڻهن سان “سنگت” ٿي سگهي ٿي۔

3۔ 100 ماڻهن کي “ساٿي” بڻائي سگهجي ٿو۔

4۔ 10 ماڻهن کي “سڄڻ” بڻائي سگهجي ٿو۔

5۔ هڪ فرد کي “بيلي” بڻائي سگهجي ٿو۔

(1) “جاڻ سنجاڻ” ۽ “دعا سلام” وارا ماڻهو

“جاڻ سنجاڻ” ۽ “دعا سلام” وارا ماڻهو عام هوندا آهن۔

هر انسان جي زندگيءَ ۾ “جاڻ سنجاڻ” وارن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو “دعا سلام” وارا هوندا آهن۔

زندگيءَ ۾ 100,000 جاڻ سنجاڻ وارن ماڻهن مان وڏي مشڪل سان صرف 10,000 ماڻهن سان ئي “دعا سلام” جو واسطو ٺهي سگهي ٿو۔

“جاڻ سنجاڻ” ۽ “دعا سلام” وارن سان واسطو رڳو “جسماني” هوندو آهي، تنهنڪري سندن مزاج ۽ مفاد بابت پوري ڄاڻ نه هوندي آهي۔

جڏهن “جاڻ سنجاڻ” ۽ “دعا سلام” وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوي، تڏهن صرف “اخلاق” سان پيش اچڻ گهرجي۔

چُھوٹھے ھاسے ھسدے لوک

بھیت نہ دل دا دسدے لوک

چنگے وقت دے سنگی ساتھی

برے وقت توں نسدے لوک

(2) “سنگي” ۽ “ساٿي”

“سنگي” ۽ “ساٿي” خاص ماڻهو هوندا آهن۔

هر انسان جي زندگيءَ ۾ “جاڻ سنجاڻ” ۽ “دعا سلام” وارن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو “سنگي” ۽ “ساٿي” هوندا آهن۔

زندگيءَ ۾ 1,000 سنگين ۽ 100 ساٿين سان وڏي مشڪل سان ناتو قائم رهي سگهي ٿو۔

“سنگين ۽ ساٿين” سان ناتو “نفس” جي خواهش سبب هوندو آهي، تنهنڪري سندن مزاج ۽ مفاد بابت ڪجهه حد تائين ڄاڻ هوندي آهي۔

“سنگين ۽ ساٿين” سان جڏهن ميل ملاقات ٿئي، تڏهن سندن “خيال” رکڻ گهرجي۔

سنگ کد چھٹیندے سنگیاں توں

سنگی جتنے وی دیوݨ دھکے

ھک گل تے لجی گل سڑیندے

ھک قول دے ھوندݨ پکے

(3) “سڄڻ” ۽ “بيلي”

“سڄڻ” ۽ “بيلي” تمام خاص ماڻهو هوندا آهن۔

هر انسان جي زندگيءَ ۾ سڀ کان گهٽ ماڻهو “سڄڻ” ۽ “بيلي” هوندا آهن۔

زندگيءَ ۾ 10 سڄڻن ۽ هڪ بيلي سان وڏي مشڪل سان رشتو نڀائي سگهجي ٿو۔

“سڄڻن ۽ بيلي” سان “دل” جو رشتو هوندو آهي، تنهنڪري سندن مزاج ۽ مفاد بابت مڪمل ڄاڻ هوندي آهي۔

“سڄڻن ۽ بيلي” سان هميشه رابطي ۾ رهڻ گهرجي ۽ سندن “خدمت” ڪرڻ گهرجي۔

ربّا توں بیلی تے سب جگ بیلی

اݨ بیلی وی بیلی

سجݨاں باجھ محمد بخشا

سُنجی پئی حویلی

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *