Masood InsightMasood Insight

ڇا انسان کي ٻاهر جي “حالتن” کان وڌيڪ اندر جي “خيالن” تي ڌيان ڏيڻ گهرجي؟

ڇا انسان کي ٻاهر جي “حالتن” کان وڌيڪ اندر جي “خيالن” تي ڌيان ڏيڻ گهرجي؟

تحرير: ڊاڪٽر مسعود طارق

تاریخ: 15 اپریل 2025

پهريون حصو:

زندگي وقت آهي ۽ وقت ئي زندگي آهي۔ هر جاڳندڙ انسان وقت گذارڻ لاءِ هر وقت سرگرم رهي ٿو۔

اهو ئي آهي جيڪو رات جو تھنجی جان ڪڍي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو اهي ڪم جيڪي تون ڏينهن ۾ ڪرين ٿو، پوءِ توکي ڏينهن ۾ اٿاري بيهاري ٿو ته جيئن زندگي جي مقرر مدت پوري ٿئي۔ پوءِ توکي سندس ڏي موٽڻو آهي، پوءِ اهو توکي ٻڌائيندو ته تون ڪهڙا عمل ڪيا۔ (60-6)

1۔ جيڪڏهن انسان وڌيڪ سرگرم ٿي وڃي ته وقت تمام تيزي سان گذرندو محسوس ٿئي ٿو۔

2۔ جيڪڏهن انسان گهٽ سرگرم ٿي وڃي ته وقت گذارڻ ڏکيو محسوس ٿيندو آهي۔

ٻيو حصو:

هر جاڳندڙ انسان وقت گذارڻ لاءِ باطني حرڪتون ۽ ظاهري حرڪتون ڪندو رهي ٿو۔

هر انسان هيٺين 4 باطني حرڪتن مان ڪو نه ڪو حرڪت ڪندو رهي ٿو:

1۔ باطن ۾ ڏسندو رهي ٿو۔

2۔ باطن ۾ ٻڌندو رهي ٿو۔

3۔ باطن ۾ سوچيندو رهي ٿو۔

4۔ باطن ۾ ڳالهائيندو رهي ٿو۔

هر انسان هيٺين 4 ظاهري حرڪتن مان ڪو نه ڪو حرڪت ڪندو رهي ٿو:

1۔ ظاهر ۾ ڏسندو رهي ٿو۔

2۔ ظاهر ۾ ٻڌندو رهي ٿو۔

3۔ ظاهر ۾ ڳالهائيندو رهي ٿو۔

4۔ ظاهر ۾ هٿن ۽ پيرن کي حرڪت ڏيندو رهي ٿو۔

ٽيون حصو:

انسان پنهنجي ٻاهرين “حالتن” کي بهتر ڪرڻ لاءِ ظاهري حرڪتن کي سٺي انداز سان ڪرڻ سکي ٿو۔ پر پنهنجي اندر جي “خيالن” کي بهتر ڪرڻ لاءِ باطني حرڪتن کي سٺي انداز سان ڪرڻ سکڻ تي ڌيان نه ٿو ڏي۔ جڏھن ته ٻاهر جي “حالتن” کان وڌيڪ اندر جي “خيالن” جو سٺو هجڻ ضروري آهي۔

1۔ “حالتون” ٺيڪ هجڻ ته زندگي آرام واري ٿيندي آهي۔ “خيال” ٺيڪ هجڻ ته زندگي سڪون واري ٿيندي آهي۔

2۔ “خيال” ٺيڪ هجڻ پر “حالتون” ٺيڪ نه هجڻ ته زندگي سڪون واري ته هوندي آهي۔ پر آرام واري نه ٿيندي آهي۔

3۔ “حالتون” ٺيڪ هجڻ پر “خيال” ٺيڪ نه هجڻ ته زندگي آرام واري ته هوندي آهي۔ پر سڪون واري نه ٿيندي آهي۔

4۔ نه “خيال” ٺيڪ هجڻ ۽ نه “حالتون” ٺيڪ هجڻ ته زندگي نه سڪون واري هوندي آهي ۽ نه آرام واري هوندي آهي۔

چوٿون حصو:

انسان جو گهڻو ڌيان جڏهن ڏسي، ٻڌي، ڳالهائي، هٿ پير هلائي “حالتن” مان لطف وٺڻ تي هجي ته پوءِ “خیالن” ڏانهن ڌيان ڏيئی باطن ۾ ڏسڻ، باطن ۾ ٻڌڻ، باطن ۾ سوچڻ، باطن ۾ ڳالهائڻ جي باطني حرڪتن کي سٺي نموني سان ڪرڻ جا طريقا سکڻ جا موقعا گهٽ ملن ٿا۔ انهيءَ ڪري زندگي آرام واري ته ٿي وڃي ٿي۔ پر سڪون واري نه ٿي سگھي ٿي۔

انسان کي جڏهن ڏسي، ٻڌي، ڳالهائي، هٿ پير هلائي “حالتن” مان لطف وٺڻ جا موقعا نه ملن ته پوءِ “خيالن” ڏانهن ڌيان وڌي وڃي ٿو۔ انھي ڪري انسان پنهنجي باطن ۾ ڏسڻ ۽ باطن مان ٻڌڻ شروع ڪري پنهنجي ياداشت جي خاني مان يا غيب مان ايندڙ آوازن ۽ تصويرن کي حاصل ڪري باطن ۾ سوچي ان ۾ مطلب ڏيڻ ۽ باطن ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏیندو آهي۔

دِل دریا سمندروں ڈُونگھے

کوڻ دِلاں دیاں جاڻے ھوُ

وِچّے بیڑے وِچّے جھیڑے

وِچّے ونجھ مُہاڻے ھوُ

چوداں طبق دِلے دے اندر

تنبُو وانگڻ تاڻے ھوُ

جوئی دِل دا محرم ھووے

سوئی ربّ پِچھاڻے ھوُ

(حضرت سلطان باھوُ)

پنجون حصو:

اڪثر انسان ظاهري حرڪتن کي سٺي نموني سان ڪرڻ جا طريقا سکڻ سان ٻاهر جي “حالتن” کي ٺيڪ ڪرڻ جا طريقا ته ڪنهن حد تائين ڄاڻندا آهن۔ پر باطني حرڪتن کي سٺي نموني سان ڪرڻ جا طريقا نه سکڻ ڪري پنهنجي اندر جي “خیالن” کي سٺي نموني سان استعمال ڪرڻ جا طريقا نه ڄاڻندا آهن۔ انهيءَ ڪري گهڻڻ انسانن کي “خیال” بي سڪون رکندا آهن۔ جيڪڏهن “خيالن” جو واهپو “خيالن” کي گهڻ پاسو بڻائي ڇڏي ته پوءِ اها بي سڪوني عذاب وانگر لڳڻ لڳي ٿي۔

پَڑھ پَڑھ عِلم مشائخ سداوڻ

کرڻ عبادت دوھری ھوُ

اندر جھگی پئی لٹیوے

تَن مَن خبر نہ موری ھوُ

مولا والی سَدا سُکھالی

دل توں لاہ تکوری ھوُ

باھو رب تنہاں نوں حاصل

جنہاں جَگ نہ کیتی چوری ھوُ

(حضرت سلطان باھوُ)

انسان کي گهرجي ته؛ پنهنجي “خيالن” جي ڪري پيدا ٿيندڙ بي سڪوني جو علاج ڪرڻ لاءِ باطني حرڪتن کي سٺي نموني ڪرڻ جا طريقا سکي پنهنجي اندر جي “خيالن” جو مثبت استعمال ڪرڻ جا طريقا ڄاڻڻ جو علم به حاصل ڪري۔

ڇهون حصو:

انسان “حالتن” جي هٿان ايترو عذاب ۾ مبتلا نه ٿيندو آهي۔ جيترو “خيال” عذاب ۾ مبتلا ڪندا آهن۔ جڏهن “حالتن” مان لطف وٺڻ جا موقعا نه هجن ته پوءِ “خيالن” جو عذاب تمام سخت ٿي ويندو آهي۔

پر ماڻهن جي پنهنجي باطني حرڪتن کي سٺي نموني سان ڪرڻ جا طريقا سکي پنهنجي اندر جي “خيالن” کي ٺيڪ ڪرڻ تي ڌيان نه ڏيڻ جو ڪارڻ اھو اها آهي ته:

الله انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردو پيل آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي۔ خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰى قُلُوْبِهِمْ وَ عَلٰى سَمْعِهِمْؕ – وَ عَلٰۤى اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ٘ – وَّ لَهُمْ عَذَابٌ عَظِیْمٌ (2:7)

انهن جي دلين ۾ بيماري آهي۔ پوءِ الله انهن جي بيماري کي وڌائي ڇڏيو ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي۔ ان ڪري جو اهي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا۔ فِي قُلُوبِهِمْ مَرَضٌ ۔ فَزَادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ بِمَا كَانُوا يَكْذِبُونَ (2:10)

ستون حصو:

انسان کي ظاهري حرڪتن ۾ مصروف هجڻ دوران “خيال” رکڻ گھرجي ته:

1۔ أُو۟لُوا۟ ٱلْأَرْحَامِ الله جي ڪتاب موجب پاڻ ۾ وڌيڪ حق رکن ٿا۔

2۔ ٱلْقُرْبَىٰ، ٱلْمَسَـٰكِينَ، ٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ کي سندن حق ڏيڻ گھرجي۔

3۔ وَٰلِدَيْنِ، أَقْرَبِينَ، ٱلْيَتَـٰمَىٰ، ٱلْمَسَـٰكِينَ، ٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ لاءِ خرچ ڪرڻ ڀلائي جو ڪم آهي۔

4۔ ٱلْقُرْبَىٰ، ٱلْيَتَـٰمَىٰ، ٱلْمَسَـٰكِينَ، ٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ، ٱلسَّآئِلِينَ، فِى ٱلرِّقَابِ کي ڏيڻ نيڪ عمل آهي۔

5۔ فُقَرَآءِ، ٱلْمَسَـٰكِينِ، ٱلْعَـٰمِلِينَ عَلَيْهَا، ٱلْمُؤَلَّفَةِ قُلُوبُهُمْ، فِى ٱلرِّقَابِ، ٱلْغَـٰرِمِينَ، سَبِيلِ ٱللَّهِ، ٱبْنِ ٱلسَّبِيلِ لاءِ صدقا فرض آهن۔

6۔ وَٰلِدَيْنِ، ذِى ٱلْقُرْبَىٰ، ٱلْيَتَـٰمَىٰ، ٱلْمَسَـٰكِينِ، ٱلْجَارِ ذِى ٱلْقُرْبَىٰ، ٱلْجَارِ ٱلْجُنُبِ، ٱلصَّاحِبِ بِٱلْجَنۢبِ، ٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ، مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ سان چڱو سلوڪ ڪرڻ گھرجي۔

قرآني الفاظ مان مراد:

ٱلْقُرْبَىٰ = راز ۽ نياز وارا

ٱلْمَسَـٰكِينَ = گهريلو تعلق رکندڙ

ٱبْنَ ٱلسَّبِيلِ = زندگي جي سفر جا ساٿي / ڪاروباري تعلق وارا

ٱلْيَتَـٰمَىٰ = تن، من، دھن سپرد ڪندڙ

ٱلسَّآئِلِينَ = مدد گهرندڙ

فِى ٱلرِّقَابِ = مصيبت ۾ پيل

مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُمْ = زير دست

اٺون حصو:

انسان کي ظاهري حرڪتن ۾ مصروف هجڻ دوران “خيال” رکڻ گھرجي ته انسان جي وس ۾ هجڻ يا نه هجڻ ناهي۔ صرف ڪرڻ يا نه ڪرڻ آهي۔ ڇاڪاڻ ته؛

1۔ هجڻ يا نه هجڻ جو دارومدار الله تعالٰى جي چاهڻ تي آهي (يَخْلُقُ اللَّهُ مَا يَشَاءُ ۽ كَذَلِكَ اللَّهُ يَفْعَلُ مَا يَشَاءُ)۔

مريمءَ چيو؛ اي منهنجا رب! مون وٽ ٻار ڪيئن ٿيندو، جڏهن ته ڪنهن بشر مون کي هٿ به نه لڳايو آهي؟ چيو ويو ته الله جيئن چاهي ٿو تيئن خلق ڪري ٿو۔ (قَالَتْ رَبِّ اَنّٰى یَكُوْنُ لِیْ وَلَدٌ وَّ لَمْ یَمْسَسْنِیْ بَشَرٌؕ-قَالَ كَذٰلِكِ اللّٰهُ یَخْلُقُ مَا یَشَآءُؕ) (47-3)

زڪريا چيو؛ اي منهنجا رب! مون وٽ ڇوڪرو ڪيئن پيدا ٿيندو، جڏهن ته مان پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زال بانجهه آهي؟ فرمايو ته الله جيئن چاهي ٿو تيئن فعل ڪندو آهي۔ (قَالَ رَبِّ اَنّٰى یَكُوْنُ لِیْ غُلٰمٌ وَّ قَدْ بَلَغَنِیَ الْكِبَرُ وَ امْرَاَتِیْ عَاقِرٌؕ-قَالَ كَذٰلِكَ اللّٰهُ یَفْعَلُ مَا یَشَآءُ) (3:40)

يَشَاءُ الله وارا ڪم اسان جي وهم و گمان ۾ اچي بغير ئي ٿي وڃن ٿا۔ یا اسين لاشعوري طور تي انجام ڏيون ٿا۔ ان ڪري ڪيترن ئي ڪمن بابت اسين چوندا آهيون ته؛ هي ڪم ته منهنجي وهم و گمان ۾ به نه هو، پر ٿي ويو۔ یا هي ڪم مون ڄاڻي واڻي نه ڪيو پر اتفاق سان ٿي ويو۔ يا هي ڪم مون ڪرڻ چاھیو پر نه ٿيو۔

۽ اوهان ڪجهه به نٿا چاهي سگهو سواءِ ان جي جيڪو الله چاھي. بيشڪ الله عَلِيْمًا ۽ حَكِـيْمًا آهي. (وَمَا تَشَآءُوْنَ اِلَّآ اَنْ يَّشَآءَ اللّـٰهُ ۚ اِنَّ اللّـٰهَ كَانَ عَلِيْمًا حَكِـيْمًا) (30-76)

۽ اوهان ڪجهه به نٿا چاهي سگهو سواءِ ان جي جيڪو الله چاھي، جيڪو سڀني جهانن جو رب آهي۔ (وَ مَا تَشَآءُوْنَ اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ) (29-81)

انسان جي وس ۾ هجڻ يا نه هجڻ ناهي۔ ان ڪري هرگز ڪنهن شيءِ بابت نه چئو ته “مان سڀاڻي اهو فعل ڪرڻ وارو آهيان”، سواءِ ان جي ته الله چاهي۔ (لَا تَقُوْلَنَّ لِشَایْءٍ اِنِّیْ فَاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (18:23) اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ٘) (18:24)

اهڙا ڪم ڪڏهن فائدي وارا بہ ھوندا آھن ته ڪڏهن نقصان وارا به ھوندا آھن۔ اهڙن ڪمن جو ڪرڻ نه گناھ ۾ شمار ٿي ٿو ۽ نه ثواب ۾ شمار ٿي ٿو۔ ڇو ته اهي ڪم يَشَاءُ الله جي تحت ٿين ٿا۔

2۔ يا وري هجڻ يا نه هجڻ جو دارومدار الله تعالٰى جي ارادي تي آهي (وَلَكِنَّ اللَّهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيدُ)۔

يُرِيدُ الله واري ڪم لاءِ اسان جو ارادو هجي يا نه هجي پر ڪرڻو پوي ٿو يا ٿي وڃي ٿو۔ ان ڪري اڪثر ڪمن لاءِ اسين چوندا آھیون ته: اهو ڪم ڪرڻ جو منھجو ارادو نه هو پر مجبوري جي حالت ۾ مون کي ڪرڻو پيو يا مان فلاڻو ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪیو هو پر ان جي جاءِ تي ھي ڪم ٿي ويو۔ اهي ڪم يُرِيدُ الله جي تحت ٿين ٿا۔ جڏهن ته اسين ڪو ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيون ٿا ۽ ان ڪم کي ڪرڻ لاءِ ڀاڳ دوڙ ۽ ڪوشش به ڪريون ٿا پر يُرِيدُ الله نه هئڻ جي ڪري اهو ڪم نه ٿو ٿئي۔

هو الغَفُورُ الوَدُودُ آهي۔ ذُو الْعَرْشِ الْمَجِيدُ آهي۔ جيڪو ارادو ڪري، فعل ڪري ٿو۔ جيڪو فعل ڪري، ان بابت کانئس سوال نه ٿو ٿي سگهي، پر هو ٻين کان ضرور پڇندو۔ (وَهُوَ الْغَفُورُ الْوَدُودُ (85:14) ذُو الْعَرْشِ الْمَجِيدُ (85:15) فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيدُ (85:16) لَا يُسْـَٔلُ عَمَّا يَفْعَلُ وَهُمْ يُسْـَٔلُونَ) (21:23)

اهڙا ڪم ٿيڻ يا نه ٿيڻ پر ڪم ڪندي وقت ڪم کي خير يا شر جي نيت سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حسنات يا سيئات جي طريقي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ان جي بنیاد تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪیل ڀاڳ دوڙ ۽ ڪوشش جو شمار گناھ يا ثواب ۾ ٿيندو آهي۔

نائون حصو:

انسان جي وس ۾ هجڻ ناهي۔ انسان جي وس ۾ صرف ڪرڻ آهي۔ پر ڪرڻ جو دارومدار به الله تعالٰى جي امر تي آهي (وَ كَانَ اَمْرُ اللّٰهِ مَفْعُوْلًا) (4:47)۔

اَمْرُ اللّٰه وارا ڪم ڪرڻ لاءِ اسان جي اندر خواهش پيدا ٿئي ٿي۔ ان خواهش کان پوءِ يا ته اسين اهو ڪم ڪريون ٿا يا خواهش کي ختم ڪري ڇڏيون ٿا ۽ اهو ڪم نه ڪري نقصان ۾ به پئون ٿا ۽ زمين ۾ فساد به ڪريون ٿا۔ (يَقۡطَعُوۡنَ مَآ اَمَرَ اللّٰهُ بِهٖۤ اَنۡ يُّوۡصَلَ وَيُفۡسِدُوۡنَ فِى الۡاَرۡضِ​ؕ اُولٰٓـئِكَ هُمُ الۡخٰسِرُوۡنَ‏) (2:27)

جڏهن اسين اَمْرُ اللّٰه وارو ڪم ڪرڻ جي ابتڙ ڪم ڪريون ٿا۔ ته اهو ڪم پوءِ اَمْرُ اللّٰه نٿو رهي۔ اھو ڪم عَنْ اَمْرِیْ بڻجي وڃي ٿو۔ جيڪو الله جي امر بدران نفسِ امّاره جي طرفان هوندو آهي۔

مَاۤ اُبَرِّئُ نَفْسِیْۚ-اِنَّ النَّفْسَ لَاَمَّارَةٌۢ بِالسُّوْٓءِ (12:53) جيڪو پنهنجي خواهش جي پويان هليو، ته سندس جو امر حد کان وڌي ويو۔ (اتَّبَعَ هَوٰىهُ وَ كَانَ اَمْرُهٗ فُرُطًا) (18:28)

تنهنجي رب جو ارادو هيو ته اهي پنهنجي جوانيءَ کي پهچن ۽ پنهنجي رب جي رحمت سان پنهنجو خزانو ڪڍن ۽ مان اهو فعل پنهنجي امر سان نه ڪيو۔ (فَاَرَادَ رَبُّكَ اَنْ یَّبْلُغَاۤ اَشُدَّهُمَا وَ یَسْتَخْرِجَا كَنْزَهُمَا ﳓ رَحْمَةً مِّنْ رَّبِّكَۚ-وَ مَا فَعَلْتُهٗ عَنْ اَمْرِیْ) (18:82)

ان ڪري ڪيترن ئي ڪمن بابت اسين چئون ٿا ته: مان هي ڪم ان ڪري ڪري رهيو آهيان ته هي منهنجي خواهش آهي۔ ڇو ته اهي ڪم يا ته اَمْرُ اللّٰه يا عَنْ اَمْرِیْ جي تحت ٿين ٿا۔ پر سڀني امرن جي پڄاڻي الله جي ئي هٿ ۾ آهي۔ (إِلَى اللَّهِ عَاقِبَةُ الْأُمُورِ) (31:22)

اَمْرُ اللّٰه وارا ڪم حسنات وارا ھوندا آھن پر عَنْ اَمْرِیْ وارا ڪم الله جي امر کي ڪٽڻ ۽ نفس جي خواهش جي ڪري ڪرڻ سبب سيئات وارا ھوندا آھن۔ جڏهن ته ڪم کي اَمْرُ اللّٰه يا عَنْ اَمْرِیْ جي بنياد تي ڪرڻ لاءِ ڪیل ڀاڳ دوڙ ۽ ڪوشش جو به شمار حسنات يا سيئات ڪمن جي ڪري گناھ يا ثواب ۾ ٿيندو آهي۔

ڏهون حصو:

انسان جي وس ۾ ھجڻ ناهي۔ انسان جي وس ۾ رڳو ڪرڻ آھي۔ پر ڪرڻ جو دارومدار جيڪڏھن الله تعالٰى جي امر بدران عَنْ اَمْرِیْ تي ھجي، تڏهن به قضِیَ الله کان پوءِ ئي اُهو ٿيندو آھي۔ (لِّیَقۡضِیَ اللّٰہُ اَمۡرًا کَانَ مَفۡعُوۡلًا) (8:42)

ڇاڪاڻ⁠ تہ سڀئي امور الله ڏي موٽن ٿا۔ (اِلَی اللّٰہِ تُرۡجَعُ الۡاُمُوۡرُ) (8:44) تنهنڪري الله جڏهن ڪنهن امر جو فيصلو ڪري ٿو ته پوءِ اي اُهو ٿئي ٿو۔ (لِّیَقۡضِیَ اللّٰہُ اَمۡرًا کَانَ مَفۡعُوۡلًا) (8:42)

اُهوئي آسمانن ۽ زمين کي وجود ۾ آڻ⁠یندڙ آھي ۽ جڏهن ڪنهن امر جو فيصلو ڪري ٿو ته پوءِ ان کي رڳو ايترو چوندو آھي: “ٿيءُ” ۽ اُهو ٿي پوي ٿو۔ (بَدِیْعُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِؕ- وَ اِذَا قَضٰۤى اَمْرًا فَاِنَّمَا یَقُوْلُ لَهٗ كُنْ فَیَكُوْنُ) (2:117)

بلڪه انسان کي جيڪا مصيبت پهچي ٿي، اُها به الله جي إذن کان پوءِ ئي پهچي ٿي۔ مَاۤ اَصَابَ مِنْ مُّصِیْبَةٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِؕ (64:11)

۽ سندس جو امر اھڙو آھي جو جڏهن ڪنھن شيءِ جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي چوي ٿو: “ٿيءُ” پوءِ اُها ٿي پوي ٿي۔ إِنَّمَا أَمْرُهُ إِذَا أَرَادَ شَيْئًا أَنْ يَقُولَ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ (36:82)

يارهون حصو:

انسان جي وس ۾ هجڻ نه بلڪه ڪرڻ به ناهي۔ سڀ ڪجهھ الله جي طرفان آهي۔ (كُلٌّ مِّنۡ عِنۡدِ اللّٰهِ‌) (4:78) انسان جي وس ۾ رڳو أمر کي سٺي طريقي سان ڪرڻ يا خراب طريقي سان ڪرڻ آهي۔

بيشڪ الله پنهنجي امر کي پورو ڪندو آهي۔ الله هر شيءِ لاءِ هڪ اندازو مقرر ڪيو آهي۔ (إِنَّ اللَّهَ بَالِغُ أَمْرِهِ، قَدْ جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا) (65:3)

ڇو ته ڪو به نفس نه ٿو ڄاڻي ته اهو سڀاڻي ڇا ڪمائيندو۔ (وَمَا تَدۡرِىۡ نَفۡسٌ مَّاذَا تَكۡسِبُ غَدًا​ ) (31:34) تنهن ڪري پنهنجي پسند موجب ٿيڻ تي خوش ٿيڻ ۽ پسند موجب نه ٿيڻ تي پريشان ٿيڻ مناسب ناهي۔

اي منهنجا پٽ! ٱلصَّلَوٰةَ جي پابندي رک ۽ أمر کي سٺي طريقي سان ڪر پر خراب طريقي سان نه ڪر ۽ جيڪا مصيبت توکي پهچي، ان تي صبر ڪر۔ بيشڪ اهي وڏي همت وارا ڪم آهن۔ (31:17)

جيڪڏهن الله توکي ڪا نقصان پهچائي ته ان کي ڪو به پري نه ڪري سگهي ٿو سواءِ سندس ۽ جيڪڏهن هو تو لاءِ ڪنهن خَير جو ارادو ڪري ته سندس فضل کي ڪو به روڪي نٿو سگهي۔ هو ان کي پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي ڏئي ٿو۔ هو الْغَفُورُ الرَّحِيم آهي۔ (107-10)

هو الله ئي آهي جنهن ست آسمان ۽ انهن جيان زمينون خلق ڪيون۔ سندس أمر انهن جي وچ ۾ نازل ٿيندو رهي ٿو۔ اوهان کي ڄاڻ ھوئڻ کپي ته الله هر شيءِ تي قَدِير آهي ۽ الله هر شيءِ جو پنهنجي علم سان گهيرو ڪيل آهي۔ (12-65) سندس شان ائين آهي ته جڏهن هو ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي چوندو آهي “ٿيءُ” ته اها ٿي پوي ٿي۔ (82-36)

آسمانن ۽ زمين ۾ سندس جي ئي بادشاھي آهي ۽ الله ڏانهن ئي سڀ أمور واپس وڃن ٿا۔ (5-57) هو ئي آسمان کان زمين تائين أمور جي تدبير ڪندو آهي، پوءِ اهي سندس وٽ پهچن ٿا اهڙي ڏينهن ۾ جنهن جي مقدار اوهان جي ڳاڻيٽي مطابق هڪ هزار سال آهي۔ (5-32)

الله انسانن لاءِ پنهنجي رحمت مان جيڪو به کولي ٿو ته ان کي ڪو به بند نه ٿو ڪري سگهي ۽ جيڪو به هو بند ڪري ته پوءِ ان کانپوءِ ڪو به ان کي کولي نٿو سگهي۔ هو الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ آهي۔ (2-35)

رڳو سندس وٽ ئي غيب جيون ڪنجيون آهن سواءِ سندس جي انهن کي ڪو به نه ٿو ڄاڻي ۽ سندس کي ان سڀ جي خبر آهي جيڪو ڪجھ خشڪي ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھ سمنڊ ۾ آهي ۽ ڪو به پن نه ٿو ڪري پر اھو سندس جي علم ۾ آهي ۽ زمين جي انڌیرن ۾ نه ئي ڪو داڻو نه ڪا سائي ۽ نه ڪا سڪي شيءِ آهي سواءِ ان جي جو اهو كِتَابٍ مُّبِين ۾ آهي۔ (59-6)

چئي ڏي ته اسان کي ڪا به مصيبت نه ٿي پهچي سگهي سواءِ ان جي جيڪا الله اسان لاءِ لکي ڇڏي آهي۔ هو ئي اسان جو مولیٰ آهي ۽ مؤمنن کي الله تي ئي ڀروسو رکڻ کپي۔ (9:51)

هو ئي آهي جنهن اوهان کي زمين جو خليفو بڻايو ۽ اوهان مان هڪ کي ٻئي تي درجن ۾ مٿاهون ڪيو۔ ته جيئن اوهان کي آزمائي ان مان جيڪو اوهان کي عطا ڪيو آهي۔ اوهان جو رب سزا ڏيڻ ۾ تمام تڪڙو آهي ۽ هو غَفُورٌ رَّحِيمٌ به آهي۔ (165-6)

ٻارھون حصو:

ھن توھان کي جيڪو ڏنو آھي، ان سان توھان جي آزمائش ڪرڻي آھي۔ تنھنڪري الخَيْرَاتِ ۾ اڳيان وڌو۔ (وَلَٰكِن لِّيَبۡلُوَكُمۡ فِي مَآ ءَاتَىٰكُمۡۖ فَٱسۡتَبِقُواْ ٱلۡخَيۡرَٰتِۚ) (5:48)

زماني جي قسم (1) انسان وڏي نقصان ۾ آھي (2) سواءِ انهن جي جنهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪندا رھيا ۽ ھڪ ٻئي کي حق تي قائم رھڻ ۽ صبر ڪرڻ جي نصيحت ڪندا رھيا۔ (3)

اي انسانو! پنھنجي رب سان تعلق قائم ڪيو، جنھن توھان کي ھڪڙي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي توھان جا جوڙا پيدا ڪيا ۽ ان مان ئي گھڻائيءَ سان مرد ۽ عورتون ڦھلايا۔ سو تعلق قائم رکو الله سان، جنھن کان توھان مدد گھرندا آھيو ۽ خوني رشتيدارن سان۔ بيشڪ الله توھان تي ھر وقت نگران آھي۔ (4:1)

انسانن لاءِ محبت سندن جي نفس جي خواھشن جي عورتن سان ۽ پٽن سان ۽ سون چانديءَ جي وڏن ڍيرن سان ۽ چونڊيل گھوڙن سان ۽ مال متاع سان ۽ پوکيل زمينن سان دلپسند بڻائي وئي آھي۔ اھي سڀ دنيا جي زندگيءَ جو سازو سامان آھن ۽ الله وٽ تمام چڱو ٺڪاڻو آھي۔ (14-3)

ڄاڻي وٺو ته دنيا جي زندگي رڳو راند کیڏڻ ۽ تماشو ڏسڻ ۽ ڏيکاءُ ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٻين کان مٿي ڏيکارڻ ۽ مال و اولاد جي ذريعي ٻين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آھي۔ (20-57)

اسان اوھان کي ضرور آزمائينداسين ٿوري خوف سان ۽ بک سان ۽ مال جي نقصان سان ۽ نفس جي خواھشن جي پوري نه ٿيڻ سان ۽ آمدنيءَ جي گھٽتائي سان؛ ۽ صبر ڪندڙن کي خوشخبري ڏيو۔ (155-2)

ڪو به مصيبت اھڙي ناھي جيڪا زمين ۾ يا اوھان جي نفس تي نازل ٿئي ۽ اسان ان کي پيدا ڪرڻ کان اڳ ڪتاب ۾ لکي نه رکيو ھجي۔ اھو ڪرڻ الله لاءِ بلڪل آسان ڪم آھي۔ (57:22)

جيڪو شخص دنيا جي پوکيءَ جو ارادو ڪري ٿو، ان کي اسان دنيا مان ڏيون ٿا ۽ جيڪو شخص آخرت جي پوکيءَ جو ارادو ڪري ٿو، ان کي اسان آخرت مان ڏيون ٿا۔ (145-3) جيڪو شخص دنيا جي فائدي جو ارادو ڪري ٿو ته الله وٽ دنيا جو فائدو به آھي ۽ آخرت جو فائدو به آھي ۽ الله سَمِيعًا بَصِير به آھي۔ (134-4)

جيڪو شخص آخرت جي پوکيءَ جو ارادو ڪري ٿو، ته اسان ان جي پوکيءَ ۾ واڌارو ڪنداسين ۽ جيڪو شخص دنيا جي پوکيءَ جو ارادو ڪري ٿو، ته ان کي اسان دنيا مان ڏينداسين پر ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آھي۔ (20-42)

تنھنڪري منھن موڙيو ان شخص کان جيڪو اسان جي ذڪر کان منھن موڙي ٿو ۽ ان جو ارادو رڳو دنيا جي زندگي آھي۔ (29-53) اھا ئي آھي ھن جي علم جي انتھا۔ بيشڪ توھان جو رب ئي آھي جيڪو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي ان کي جيڪو سندس واٽ کان ڀٽڪي ويو ۽ اھو ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو سڌي واٽ تي آھي۔ (30-53)

آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ سندس جي ئي بادشاھي آهي۔ هو زندگي ڏئي ٿو ۽ موت ڏئي ٿو ۽ هو هر شيءِ تي قَدِير آهي۔ (2-57) هو ئي اول به آهي ۽ آخر به، ظاھر به آهي ۽ باطن به، ۽ هو هر شيءِ جو مڪمل علم رکي ٿو۔ (3-57)

اي الله! بادشاھيءَ جا مالڪ! جنهن کي تون چاھين بادشاھي ڏئين ٿو ۽ جنهن کان تون چاھين بادشاھي کسين ٿو ۽ جنهن کي تون چاھين عزت ڏئين ٿو ۽ جنهن کي تون چاھين ذلت ڏئين ٿو۔ تنھنجي ئي ھٿ ۾ خَير آھي۔ بيشڪ تون سڀني شين تي قَدِير آھين۔ (26-3)

اھو، جنھن جي ھٿ ۾ بادشاھي آھي، وڏو برڪت وارو آھي ۽ اھو سڀ شين تي قَدِير آھي۔ (1-67) انھيءَ ئي موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو ته جيئن توھان کي آزمائي ته توھان مان ڪير أَحْسَنُ عمل ڪري ٿو ۽ اھو الْعَزِيزُ الْغَفُور آھي۔ (2-67)

هن کي ڄاڻ آهي جيڪو زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪو ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪو آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪو ان ڏانهن چڙهي ٿو ۽ هو اوهان سان گڏ هوندو آهي، جتي به اوهان هجو، ۽ الله انهن عملن کي، جيڪي اوهين ڪندا آهيو، ڏسي رهيو آهي۔ (4-57)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *